عزيز الله عزيز بروهي

عزيز الله ’عزيز‘ بروهي: شاعر، اديب ۽ سماجي ڪارڪن عزيز الله بروهي، پهرين اپريل 1950ع تي ڳوٺ خداآباد (رسول بخش بروهي)، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ عبدالحڪيم بروهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي اسڪولن مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد ايم. ايس. سي ۽ بي. ايڊ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيائين. گورنمينٽ محمدپور اوڍو هاءِ اسڪول ۾ سائنس جي سبجيڪٽ ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. بعد ۾ ساڳئي اسڪول ۾ هيڊماستر رهيو، جتان ارڙهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. کيس علم ادب سان چاهه شاگرديءَ واري دور کان رهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿس. شاعريءَ ۾ ‘عزيز’ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. سائنس جي موضوع تي تمام گهڻو لکيو اٿس. سندس شاعري توڙي سائنسي، تحقيقي ۽ سماجي موضوعن تي مقالا ۽ مضمون سنڌ توڙي بلوچستان جي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس سنڌي ڪلام ڪراچي ٽي. وي ۽ براهوي ڪلام ڪوئيٽا ٽي. وي تان نشر ٿي چڪو آهي. ڪوئيٽا ٽي. وي جي ڪيترن ئي براهوي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي.سندس هڪ ڪتاب ‘قدرت جون سائنسي ڪاريگريون’ شايع ٿيل آهي، جيڪو بعد ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران ‘خالق جون سائنسي ڪاريگريون’ نالي سان 1994ع ۾ ٻيهر شايع ٿي چڪو آهي. هن محمدپور اوڍو ۾ نامور محقق رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي نالي سان هڪ علمي ۽ ادبي ادارو ڪيو. ان اداري پاران براهوي زبان ۾ ‘ڪپوت’ نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪيائين، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي. کيس سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علمي ادبي ادارن ۽ تنظيمن پاران مڃتا اوارڊ پڻ مليا آهن. پاڻ سماجي ڪمن ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.04.01  عيسوي

شاعر، اديب ۽ سماجي ڪارڪن عزيز الله بروهي، پهرين اپريل 1950ع تي ڳوٺ خداآباد (رسول بخش بروهي)، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ عبدالحڪيم بروهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوز هالائي
شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي
پرمانند پياسي
احمد فقيرمستان
ادل سومرو
شاهين سنڌي
رشيد احمد لاشاري
چتر ڀڄ
اختر انصاري اڪبرآبادي
اميربخش امير قريشي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون